Why should we learn Quran?
اسان قرآن پاڪ پڙھندا آھيون، الحمدللہ. پر ڇا اسان قرآن پاڪ کي صحيح طرح پڙھندا آھيون؟ قرآن پاڪ کي صحيح پڙھڻ لاءِ ڪجھ قائدا ۽ قانون آھن، ڇا اسان انھن تي عمل ڪندا آھيون؟ ۽ جيڪو قرآن پاڪ پڙھندا آھيون ڇا ان جو مطلب يا معني سمجھندا آھيون؟ جيڪڏھن نہ، تہ ڇا اسان کي قرآن پاڪ صحيح پڙھڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۽ ان جي معني ۽ مطلب کي سمجھڻ جي ڪوشش نہ ڪرڻ کپي؟ ضرور ڪرڻن کپي. يوٽيوب تي ان سلسلي ۾ گھڻو مواد موجود آھي پرسنڏي ۾ يا تہ ناھي يا تہ تمام گھٽ آھي. ان کي مد نظر رکندي ھي ھڪ ننڍڙي ڪوشش آھي جنھن ۾ قرآن پاڪ کي سکڻ ۽ سمجھڻ جي لاءِ سنڌي ۾ وڊيوز شيئر ڪبا. ان شاءَاللہ تعالي. اوھان کي ھن برڪت واري سفر ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت آھي. پاڻ بہ اچو ٻين کي بہ دعوت ڏيو. مھرباني. اللہ پاڪ کان دعا آھي تہ شال اسان جي ھن ڪم ۾ برڪت نصيب فرمائي ۽ توھان ۽ اسان جون ڪوششون قبول فرمائي آمين.اظھار: انسان خطا جو گھر آھي اللہ پاڪ کان دعا آھي تہ غلط نيت ۽ غلط بيان، مغروري ۽ ريا کان بچائي آمين اوھان جيڪڏھن ڪنھن ڳالھ ڏانھن ڏيان ڏيارڻ چاھيندا ھجو يا ڪو مشورو ڏيڻ ڇاھيندا ھجو تہ اسان کي ھيٺ ڏنل اي ميل تي موڪلي سگھو ٿا. اللہ واھي