Our Story
بحمد لله ڪجھ دوستن ۽ مھربانن گڏجي ڪري اسان بابرکت قرآن الحکيم کي سکڻ ۽ سيکارڻ جو سفر 2021 ۾ شروع ڪيو. معمول رھيو ھفتي ۾ ھڪ ڪلاس 40 منٽن جو. واٽس ايپ جو ھڪ گروپ ٺاھيو ويو اچو تہ قرآن سکون ــ سنڌي ۾ جي نالي ۾ جنھن جا ميمبر فقط نارٿ آميڪا ۾ رھندڙ ٿي سگھن پيا. ان بعد 6 مھينن جي اندر ئي ٻيو ڪلاس شروع ڪيو ويو سنڌ ۾. ان جو واٽس ايپ گروپ الڳ رکيو ويو. اسان شروعات ڪئي UQA جي اجازت سان انھن جي نصاب مطابق Leve1 جنھن ۾ اسان نماز ۽ دعائون ۽ ڪجھ آسان گرامر سکيو. تنھن بعد قرآن ڪريم جي آخري يعني 30 سيپاري کي مڪمل ڪيو. ان بعد ايڊمن ڪاميتي جي مشوري تي تجويد سکڻ ڪئي جيڪو 16 ھفتن يعني 16 ڪلاسن ۾ مڪمل ٿيو. انھن ڪلاسن ۾ مناسب حد تائين مواد آھي جنھن جي مدد سان نڪو بہ قرآن ڪريم جي بھتر نموني سان تلاوت ڪري سگھي ٿو. ان بعد اسان قرآن کي شروع کان سمجھڻ جو ارادو ڪيو جنھن ۾ خداتعالي جي فضل و ڪرم سان سورة الفاتحة، سورة البقره ۽ سوره آل عمران مڪمل ڪري ھينئر سورة النساء سکي رھيا آھيون الحمد لله